ميرپورساڪرو(ن پ ا) ميرپورساڪرو شھر جي اڪثر سرڪاري آفيسن ۽ قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيوآهي، ان ڏس ۾  ھائير سيڪنڊري اسڪول، نادرا آفيس، ٽيليفون ايڪسچيج آفيس، سرڪاري گودام ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي،  برساتي  پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪاروھنوار سخت متاثر ٿي رھيو آهي، ٻي طرف رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايووڃي.