دادو (رپورٽر) دادو جي روڊن ، رستن ، بندن ۽ ڪئمپن ۾ پناھ وٺندڙ ميهڙ ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي جا سوين ٻوڏ متاثر مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار مليريا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ تيز بخار جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، دادو ۾ هزارين ٻوڏ متاثرن جي موجودگي باوجود صحت کاتي پاران ضلعي جي واحد سول اسپتال ۾ ڪي به هنگامي حالتون لاڳو نه ڪرڻ سبب علاج لاءِ ايندڙ هزارين مريض علاج جي سهولت کان محروم بڻيل آهن ، ضلعي جي واحد سول اسپتال جي او پي ڊي ۾ صرف هڪ فزيشن ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ پڻ هڪ ڊيوٽي ڊاڪٽر هئڻ ڪري مريضن کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ 3 کان 4 ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا، جنهن سبب مريض عورتون ، مرد توڙي ٻار بيحال حالت ۾ تڙپي تڙپي روڊن ، رستن ۽ فرش تي ليٽي پون ٿا، رستم سولنگي ، صائمه سولنگي ، مينا ٻٻر ، وزيران جويو ، سرور جويو ، رسول بخش سمون ، وزير چانڊيو ، ريحانه ، ساجده کنڊ ، شاهد حسين منگي ، حميران لنڊ ، پٺاڻي قمبراڻي ، سپنا قمبراڻي ، صوفيه چانڊيو ، سسئي چانڊيو  سميت 188 عورتن ۽ 190 مردن ۽ 300 کان وڌيڪ ٻارن کي گيسٽرو ، ڊائريا ، تيز بخار ۽ مليريا جي وبا ۾ داخل ڪيو ويو آهي، عورتن جي وارڊ ۾ 16 ، بيڊن تي 188 عورتن کي داخل ڪيو ، هڪ هڪ بيڊ تي 4/ 4 عورتن کي داخل ڪيو آهي، ساڳئي طرح مردن ۽ ٻارن جي وارڊن ۾ هڪ هڪ بيڊ تي 4/ 5 ٻار توڙي مرد داخل ٿيل هئا، مريضن توڙي سندن وارثن جو چوڻ آهي ، سموريون دوائون ، انجيڪشنون هو خانگي اسٽورن تان خريد ڪن ٿا ، اسپتال ۾ کين صرف ڊرپ لڳائي وڃي ٿي .