ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي لڳ نوجوان برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. خبر موجب ڪرونڊي لڳ  ڳوٺ خدا بخش شينو ويجهو 22 سالن جو صفدر پٽ در محمد شينو  ٻڏي فوت ٿي ويو، گهڻي ڳولا بعدنوجوان جو لاش برساتي پاڻيءَ جي نالي مان هٿ آيو. واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي فوت ٿيل نوجوان صفدر مال چارڻ لاءِ نڪتل هو، جيڪو تيز وهڪري ۾  لڙھي فوت ٿي ويو.