ڪنري (ن پ ا) ڪنري مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 2 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، خبر موجب يو سي ڍڊرو ۾ پيش آيل ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ھڪ نينگر ۽ ھڪ نينگري برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، ڳوٺ شاھد باجوا ۾ ٻوڏ متاثر خاندان جو 9 ورھين جو نينگر ڀورو ولد ڪيسو ڪولھي گھرن ڀرسان ننڍي ڊيم ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي ڳوٺ سيد نظر شاھ ۾ گھر ڀرسان ٺھيل کڏ ۾ راند ڪندي 3 ورھين جي راڻي ڌيءُ نارائڻ ڪولھي ٻڏي فوت ٿي وئي، وارثن چيو ته گھر ڀرسان مٽيءُ کڻڻ لاءِ کڏ کوٽي ھئي جنھن ۾ بعد ۾ برساتي پاڻي جمع ٿي ويو جنهن ۾ نينگري راند ڪندي ٻڏي وئي،