خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي وانڍ پاڙي ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان نثار ابڙو جي مال جي واڙي کي اوچتو باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ واڙي ۾ موجود 16 ٻڪريون سڙي مري ويون. ان کان علاوه کٽون ۽ ٻيو سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو. ان موقعي تي پورهيت نثار ابڙي دانهيندي چيو ته سندس گذر سفر مال تي آهي. هن ڊي سي خيرپور سميت وس وارن کان اپيل ڪئي ته باهه سبب ٿيل نقصان جو فوري طور تي ازالو ڪيو وڃي.