مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ ڪانڌڙا ڪالوني جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول خير محمد ڀٽي گذريل 36 سالن کان بلڊنگ نه ھجڻ، فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين سھولتن کان محروم ھجڻ خلاف رھواسين، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عثمان اعواڻ، ذوالفقار سيال، گل حسن ڀٽي، غلام شبير ڀٽي، گلزار ڇڇر، رزاق ڇڇر، مير نواز ڀٽي ۽ ٻين چيو ته عمارت نه هجڻ سبب اسڪول اوطاق جي ٻن ڪمرن ۾ گذريل 36 سالن کان هلي رهيو آهي، جڏهن ته ٻن ڪمرن جي ڪيترائي ڀيرا ڇت پڻ ڪري پئي آھي، هنن چيو ته اسان ھر ايندڙ وقت جي حڪمرانن توڙي ھتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيلون ڪيون آھن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.