نصرپور(ن پ ا) بلدياتي اليڪشن جي ٻي مرحلي ۾ ٽائون ڪاميٽي نصرپور جي وارڊ نمبر 7 تي بيٺل پ  پ اميدوار درگاھ مصري شاهه جي گادي نشين سيد مريد علي شاهه جي پٽ تيمور علي شاهه کي   ٻيھر ڳڻپ ۾ 34 ووٽن تان شڪست اچڻ بعد اڄ ٻيهرشهرين ۽ سندن حمايتن پاران ريلي ڪڍي مهراڻ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سليم گل ابڙو، جميل خانزاده, اڪرم عباسي، انيس دائود پوٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  طاقتور ڌرين آر او کان ملي ٻيھر ڳڻپ ڪرائي 34 ووٽ خارج ڪري مخالف اميدوار کي ٻيهر ڳڻپ ۾ کٽرايو آھي جيڪا سراسر زيادتي آهي، مامري جي جاچ ڪرائي وڃي.