خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ضلعي ۾ بدامني، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ اڳوڻي چوڪي انچارج خلاف جمعيت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن ۽ فيض آباد ڪالونيءَ جي رهواسين پراڻي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي مولانا محمد ياسين ڦلپوٽو، قاري عبدالقدير، شاھنواز جماڻي، رحيم بخش شيخ، اڪبر ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رھيا هئا. اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته خيرپور پوليس جي نااهليءَ سبب ضلعي ۾ قتل، ڌاڙن، چورين ۽ ڦرن وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي پر پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. هنن الزام مڙهيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايچ او آغا شڪيل پٺاڻ ۽ اڳوڻو چوڪي انچارج عبدالرحمان ناريجو ڏوهارين سان مليل ۽ سندس سرپرست بڻيل آهن ۽ هٿ وٺي بدامني پکيڙي رهيا آهن. هنن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ بدامنيءَ سبب عوام شديد خوف ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. چوريون، ڌاڙا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ضلعي ۾ امن بحال ڪري ڏوهارين جي ساٿاري پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.