گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان ڄام صاحب لنڪ روڊ تي بصرن جي واپاري نانو رسول بخش مري ۽ سندس ڀاءُ غلام مصطفيٰ مري کان هٿياربند مبينا طور 3 لک رپيا ڦر ڪري ورتا، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ٻنهي ڀائرن کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي گپچاڻي پوليس ليٽر ڏئي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو.