اشو آف دي ڊي لطيف جو پيغام وڏو خزانو آهي، پڙهڻ، سمجهڻ ۽ پکيڙڻ جي ضرورت آهي: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
593

سوشل ميڊيا تي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 278هين عرس جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽربيوٽ ٽو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ لطيف ڊي ٽرينڊ هلايا ويا جنهن ۾ ڀٽائي جي شاعري شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ سيما مهيشوري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوري دنيا ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ خوشحالي لاءِ ڪوشان انسانن کي سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جون مبارڪون هجن، رفيه گلاڻي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. آصف بالادي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا پيش ڪندي شاعري شيئر ڪئي ته

ڀلا ئِي آهِينِ، پِرين ڀَلائِيءَ پانهِنجي

سَٻاجها سِرِ چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين

مون ڏانهن مَدِيُون ٿينِ، سڄڻ سَڄايُنِ ۾.

                         برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مرشد لطيف جا سورما ۽ سورميون نج سنڌ جا قومي ڪردار آهن، لطيف ڪنهن به ڌارئي کي نه ڳايو (لطيف سيد هئو تنهنڪري اهل بيت تي شاعري لکيائين) راءِ ڏياچ، چنيسر راءِ، جادم جکرو، لاکو ڦلاڻي، ڄام ابڙو جاڙيجو سمون، ڄام سپڙ ڪوريجو سمون، ڄام تماچي سمون، ڄام پنهون ٻاروچو جت، راڻو مينڌرو سوڍو، راڻو امر سومرو، سورٺ راءِ، ليلا راءِ، سسئي ٻانڀڻ، مارئي پنهور، مومل گجر، سهڻي ڪنڀار، نوري ماڇي..

رحمان لاکو پڻ شاعري شيئر ڪئي ته

جکرا ! جيئن شال، تنهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻان،

جئن تو اچي ڪالَ، نالائق نوازيا. (شاهه)

شاهد حسين خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لطيف جو ڏينھن، سوچيان ويٺو جيڪڏھن اسان وٽ ڀٽائي ۽ موھن جو دڙو نه ھجن ھا تھ اسان جا عالم ۽ اسان جھڙي خلق دنيا کي ڇا ڏيکاري يا ڇا ٻڌائي فخر محسوس ڪريون ھا؟

ورثا پيرزادو به شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا طور سندس شاعري شيئر ڪئي ته:

ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چِٽاڻو چؤڌارَ؛

مَنجِھين ڪاڪِ ڪڪوري، مَنجِھين باغَ بَهارَ؛

ڪانهي ٻِي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو.

(سر مومل راڻو)

نبيل مرتضيٰ سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏لطيف ڏهاڙي تي عام موڪل بجاءِ اسڪول کولي سڄي سنڌ ۾ ٻارن کي لطيف جي امن، انسانيت ۽ لڳاتار جاکوڙ واري پيغام جي آگاهي ڏيڻ لاءِ پروگرام، تقريرون، لطيفي راڳ ۽ ڪوئز پروگرام ڪرائڻ گهرجن، لطيف نه چادرون چاڙهڻ لاءِ آهي ۽ نه موڪلون ملهائڻ لاءِ، لطيف کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ پکيڙڻ جي ضرورت آهي. ساجده کهاوڙ شاعري شيئر ڪئي ته اکيون تو ۾ سپرين تون اکين منجهه آهين،

برما جيسراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

حيف تنين هوءِ، وطن جن وساريو.

ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هُو اسان جو قومي رهبر آهي، جنهن اسان کي قوميت جو نظريو ڏنو، هن جي ڪلام ۾ سنڌ جاڳي ٿي سنڌ دل وانگي ڌڙڪي ٿي، هن جي عشق جا ڪردار سنڌ جي مٽيءَ مان اُڀريل آهن، هُن صديون اڳ سنڌي ٻولي جي بقا جو ڳاڙهو جھنڊو هٿ ۾ کنيو جڏهن فارسي سنڌ جي ڪنڌ ۾ پيل هئي، هُن وقت جي حاڪم جي سلامي کي رد ڪري ٻُڌايو ته اسان پنهنجي ضمير سميت آزاد آهيون، هُن سڄڻ ۽ ساڻيھه سان عشق جو درس ڏنو، وطن سان عشق هُن ازلي عشق قرار ڏنو، هُن حُسناڪ سنڌ جي وڻ وڻ، گل گل، ڀتر پٿر، ڪنڊي ڪانهن، پکي پکڻ، ٿر بر، ڍنڍن ڍورن، ماروئڙن مليرن، سخين سرويچن، سنڌ جي جاگرافيائي نقشي ۽ وحدت سان عشق ڪيو.  پوري عالم جي خوشحالي سان گڏ سنڌ جي سڪار ٿيڻ جي خواب کي هُن پنهنجي آس بڻائي ثابت ڪيو ته تصوف مُنهن مونن ۾ وجهڻ جو نالو ناهي تصوف عوام سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو نالو آهي. سنڌ جي ان عظيم محافظ بابا ڀٽائي جي اڄ عرس ڏهاڙي جون سنڌي قوميت کي واڌايون هجن. ڪامريڊ امير جان شاعري شيئر ڪري ڀيٽا پيش ڪئي

صُورتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين

 مَولي ڏِننِ مُنهن ۾، نُورِي نيڻَ نِهَالَ

 سَندي خوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَستانو ڪِئو

ڪوثر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لطيف ڪنهن هڪ شخص، وليءَ، شاعر يا فلاسافر جو نالو نه آھي، پر لطيف، هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ تنظيم آهي. اها تحريڪ ۽ تنظيم، سنڌي سماج کي عين منتشر ٿيڻ۽ڇڙوڇڙ ٿيڻ واري وقت، ثقافتي، لساني ۽قومي بنيادن تي متحد ۽ آزاد رکڻ لاءِ وجود ۾ آئي. حسن پٺاڻ پڻ ڀٽائي جي شاعري شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي:

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛

اُنِ جِي، عبداللطيف چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛​

ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَههِ اَچيو اُنِ جي. (شاهه)

امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪئي ته لطيف سرڪار جي عرس جي حوالي سان ھر ڪو پنھنجي پسند جو شعر لکي. ان پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فرزانه ٻرڙو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري شعر ڪئي ته :

عاشق زهر پياڪ، وِهه ڏسي وهسن گھڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،

لڳينِ لنئون لطيف چئي، فنا ٿيا فراق،

توڙي چِڪن چاڪ ته به آهه نه سلن عام سين.

منير چانڊيو شاهه عبداللطيف جي هي شاعري شيئر ڪئي ته

نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي،

گاڏيءَ چاڙھي گندريءَ، ماڻھو ڪيو مي،

ڪينجهر چوندا ڪي، سچ سڀوئي ڳالھڙي.

ريحانه نذير شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سندس ئي شعر سان ڀيٽا پيش ڪئي ته

سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري

اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون

ادل سومرو پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي عرس جي موقعي تي سندس ئي شاعري سان ڀيٽا پيش ڪئي:

ھوءَ جا ٽمڪي باھ ، منھه ميھارن جي

اکيون ان اھاءَ، ڪُن ڪپينديون آئيون.

مٺل جسڪاڻي شاهه عبداللطيف جي شاعري شيئر ڪئي:

سي تو ويھِي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سندا ڏينھن،

اَرِٽَ اوڏِي نه ٿِئين، ڀورِي! ڀوري سِيئَن،

ڪَنڌُ کَڻندِينءَ ڪِيئَن، اَڱڻِ عجِيبَنِ جي؟

(سر ڪاپائتي، جيءُ لطيف)

سهيل انور سيال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ۲۷۸ عرس جي موقعي تي سموري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي مبارڪ باد. شاھ سائين ڪنھن تعارف جو محتاج ته نه آھن. انھن لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته هو سنڌ جھڙي عظيم ٻولي جا عظيم شاعر آهن.

ايس جي ڀاگيا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

سائينم سدائين  ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

دنيا جي ڪڻڊ ڪڙڇ ۾رھندڙ  سنڌي سڄڻنن کي عظيم ڏاھي  مفڪر   شاعر سنڌڙي جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي  جي   عرس (ميلي ) جون ڪورڙين مبارڪون هجن. جڏهن ته مرتضيٰ زنگيجو، آصف چاڙو، اويس سنڌي، انجنيئر امتياز بروهي، سونهن ديوي مالهي، خليل انصاري، صمد بنگلاڻي، صفدر خان، گيانچند جئپال، سراج احمد مزاري، آڪاش واسو،غلام رسول راهمون، باغي الله بخش راڄڙ، عباس بلوچ، وقار مير محمد ڏاهري، اقصيٰ ڪينجهر ليلا جمالي، سيد تراب بخاري،ونود مهيشوري، حماد وساڻ، حاڪم علي سهتو، ثناءُالله سومرو، شاهد حسين، راجو مهر، گلزار احمد سومرو، علي خواجه، نائلا وسيم، محمد صالح، عائشه خان، سراج احمد ڪٽپر، بشير ڪالاڻي، افرا سياب خٽڪ، مير ڪيريو، اختر علي، مير سجاد سارنگ، فهيم شيخ، حميد ڏيپلائي، ڊاڪٽر سهيل سرڪي، شاهزيب گوپانگ، نينا آڏواڻي، فاطمه ميراڻي، مهيندر پرڪاش ۽ ٻين به شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ شاعري به شيئر ڪئي

سوري آھ سينگار، اصل عاشقن جو،

مُڙڻ، موٽڻ، ميھڻو، ٿيا نظاري نروار،

ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو!

سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن کي اعزازي طور تي لاکيڻو لطيف، گهوٽ لطيف، شاھه سائين، ڀٽ جو شاھه ۽ ڀٽائي سرڪار به سڏيو ويندو آھي. شاھه عبداللطيف کي سنڌي ٻولي جو عظيم شاعر به سمجھيو ويندو آھي. لطيف سرڪار سسئي  جي اڻٿڪ جدوجھد، مارئي جي حب الوطني، مومل جي من موھيندڙ سچائي، سھڻي جي ساھڙ لاءِ سڪ ۽ پاڻ ارپڻ ، نوري ذريعي طبقاتي نظام جو خاتمو ۽ انيڪ روپ پنھنجي بيتن ۾ بيان ڪري سنڌي سماج جو حقيقي ڪس عيان ڪيو آھي.

الله  ڏاهِي  مَ ٿِيان  ڏاهِيُون  ڏُکَ  ڏِسن،

مون سان مون پرين ڀُورَائي ۾ ڀالَ ڪَيا.