خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ناليواري وڪيل محمد رضا سومرو شهر ۾ گٽرن جا ڍڪ کليل هئڻ بابت جوڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي. داخل ڪرايل پٽيشن ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، ايس ايس پي، انجنيئر پبلڪ هيلٿ،  اسسٽنٽ انجنيئر پبلڪ هيلٿ آپريشن اينڊ مينٽيننس ۽ ايس ايچ او اي سيڪشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. وڪيل رضا سومري داخل ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته خيرپور ۾ امام بارگاهه قصر حسيني جي گهٽيءَ ۾ 10 کان وڌيڪ گٽرن جا ڍڪ کليل آهن. ان کان علاوه بابو شاهه محمد ڪالونيءَ ۾ گريٽ فيوچر اسڪول ڀرسان 15 کان 20 گٽرن جا ڍڪ کليل آهن، گٽرن جا ڍڪ بند ڪرائڻ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪو معصوم ٻار يا پيرسن ڪِري پيو ته ان جو موت واقع ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري کليل گٽرن جا ڍڪ بند ڪرائي انساني جانيون محفوظ بڻايون وڃن.