ڏيپلو ( ن پ ا) ٿر ۾ پاڻي جو سخت بحران، رهواسي اڃ وگهي تڙپڻ لڳا، ان ڏس ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي تحريڪـ جي سڏ تي جي يو آءِ، شھري اتحاد پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن عبدالرحمان اوٺو، عمران باغي، محمد عمر بجير، دانش ۽ ٻين چيو ته  پنجاب ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي سنڌ  سڪائڻ جي سازش ڪري رھيو آهي، پاڻي کوٽ سبب چوپايو مال به مري رهيو آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.