سيراڻي (ن پ ا)سيراڻي ۾ ڳوٺ قبول محمد شاهه جي رهواسين ۾ شاهجان شاهه ۽ نواز علي شاه جو پريس ڪلب سيراڻي تي احتجاج ڪندي دانهيو ته عبدالڪريم ملاح خدابخش ملاح صالح  ملاح مشتاق ملاح عزيز ملاح ربو ملاح ۽ ٻين نامعلوم ماڻھن سيد برادري جي گهرن تي فائرنگ ڪري نواز علي شاه کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جهن جو پوليس پوسٽ سيراڻي تان ليٽر وٺي انڊس اسپتال بدين علاج لاء روانو ڪيو ويو. پوليس وٽ شڪايتون ڪرڻ بعد به پوليس  جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري  ايم پي اي جا ماڻھون هئڻ ڪري پوليس ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.