خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ هٿياربند ڦورو  شهريءَ کان ڏينهن ڏٺي 10 لک رپيا ڦر ڪري فرار، ايس ايس پي نوٽيس وٺندي ٻن اهلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪري ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سب رجسٽرار آفيس ٻاهران 2 اڻ ڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڦورو استاد محمد حفيظ پٽ غلام قادر پنجابيءَ کان 10 لک رپيا روڪ ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. واقعي بعد متاثر محمد حفيظ پنجابي اي سيڪشن ٿاڻي تي اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي. پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي. ان ڏس ۾ متاثر محمد حفيظ پنجابيءَ جو چوڻ آهي ته هو ايم سي بي بينڪ مان زمين جا پئسا ڪڍرائي گهر وڃي رهيو هو ته هٿياربندن يرغمال بڻائي ورتو ۽ کانئس 10 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هن ايس ايس پي خيرپور ۽ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺندي فرضن ۾ ڪوتاهيءَ تي 15مددگار پوليس جي ٻن اهلڪارن سبحان قناصرو ۽ بچل چاڪراڻي کي ڪوارٽر گارڊ ڪري ڇڏيو.