خيرپور (رپورٽر) ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ ڊيوٽيءَ کان مسلسل غير حاضر رهڻ تي ليڊي پوليس ڪانسٽيبل  شهناز گل قريشي، پوليس ڪانسٽيبل مقصود احمد شر، غلام مرتضي سومرو، ايمان علي چانڊيو ۽ منظور احمد ڦل جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه ڊيوٽي تان غير حاضر رهڻ تي 3 ليڊي اي ايس آءِ، 3 ليڊي هيڊ ڪانسٽيبل، 3 ليڊي پوليس ڪانسٽيبل ۽ 7 پوليس اهلڪارن کي مائنر سزائون ڏنيون آهن. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ جو چوڻ آهي ته ڊيوٽي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪو به پوليس آفيسر يا اهلڪار نوڪري تان غير حاضر رهندو ان خلاف سخت محڪماتي ڪارروائي ڪئي ويندي.