ٽنڊو جان محمد (ن پ ا) ڪنري جي خالد ڪالوني واسي چيتن ميگهواڙ ٽنڊوجان  محمد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي ته انور پٽ گلشير شيدي ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن ٻه عدد شيشي جون پليٽون ڏيکاري ٻڌايو ته هي پئسا ڇاپڻ جي مشين آھي، جنهن بعد ساڍا 42 هزار رپيا سندن حوالي ڪيا ته هنن چيو ته مشين جو ڪيميڪل ختم ٿي ويو آھي، جيڪو ڪراچي مان آڻڻو پوندو، هاڻي توهان کي بعد ۾ رقم ٻيڻي ڪري ڏينداسين، اسان کي شڪ پيو ته اسان هنن کان رقم واپس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي هنن پسٽل ڪڍي فائرنگ ڪئي، هن فراڊين کان رقم واپس ڏيارڻ جي گهر ڪئي.