عمران خان تبديلي چاهي پيو پر ائين ڪري نه پيو سگهي: شيخ رشيد

0
1095
اپوزيشن جي ڌرڻي يا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان تبديلي چاهي ٿو پر ائين ڪري نه پيو سگهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عوام جو عوام جو هٿ ڪنهن تي آهي ان جو جواب اڄ نه پر اپريل ۾ ڏيندس

5، 6 مهينن ۾ حالتون بهتر ڪنداسين، حالتون بهتر نه ٿي سگهيون ته فيصلو عوام جو حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن کي صلاح آهي ته لانگ مارچ وٺي بلاول سان گڏ اچن

مولانا فضل الرحمان کي هاڻي ووٽ ملي ويا آهن استعيفيٰ نه ڏيندو، پاڪستان تحريڪ انصاف کي فنڊنگ بابت شيخ رشيد چيو ته نقوي جنهن جو نالو اچي رهيو ان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي به چندو ڏنو

سينيٽ ۾ لاھور ڌماڪي ۽ دھشتگردي جي واقعن تي بحث، وفاقي گھرو وزير کان بريفنگ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾لاهور ڌماڪي ۽ دهشتگردي جي واقعن تي بحث، وفاقي گهرو وزير کان بريفنگ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دهشتگردي جي وڌندڙ وارداتن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار به محفوظ نه آهن

 گهرو وزير ايوان ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏئي، پ پ سينيٽر رضا رباني ۽ اعظم سواتي چيو ته گهرو وزير ٻڌائي ته دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جو پسمنظر ڇا آهي؟ دهشتگرد ٻيهر اسان جي شهرن ۾ داخل ٿي ويا آهن، گهرو وزير امن امان يقيني بڻائڻ بدران بيانبازي ۾ رُڌل آهي

ھي به پڙھندا

ڪنهن جي ذاتي مفاد لاءِ نه، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم