خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ: ارشاد کوسو) اڍائي لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ تاريخي شهر خيرپورناٿن شاھ ۾ نالين جو گندو پاڻي شهر جي هر ڪالونين ۾ گوڏي جيترو پاڻي آهي، واپارين جو ڪاروبار متاث ٿي رهيو آهي. گوليمار ڪالوني، راوت خان لغاري روڊ، ڪي اين شاھ ميهڙ روڊ، شهباز ڪالوني، مدينا ڪالوني، ناٿن شاھ محلا، نيو آباد ڪالوني، ميرحسن روڊ، ٻگيا محلا، سومرا محلا، ڪريمداد لنڊ جروار روڊ، يقين شاھ محلا، رحمت الله ڪالوني سميت 20 کان وڌيڪ ڪالونين محلن پاڙن ۾ گذريل ڏينهن کان وٺي نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي روڊ رستن تي وڏو پاڻي ڪري ٻه چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي پيون چنگچي رڪشا ۾ ويٺل مسافر عورتون توڙي مرد زخمي ٿيڻ جا پڻ مليا آهن، نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهجي پيو آهي ۽ گهرن جي چوطرف بيهڻ سبب ڪيترائي گهر ڊهڻ جا خدشا آهن، دڪاندارن ۽ رهواسين محمد علي لاکير، راجا پنهور، حميد سولنگي، منير ٻگهيو ۽ پريل بروهي جي اڳواڻي ۾ نالين جي گندو پاڻي ۾ بيهي احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي خيرپورناٿن شاھ راوت خان لغاري روڊ تي گوڏي جيترو پاڻي بيٺل آهي روڊ جي هڪ پاسي ٻي پاسي تائين ڪراس ڪري نه ٿا سگهون. صفائي لاء ايندڙ هر مهيني پوڻا ٻه ڪروڙ روپيا اچن ٿا ته اهي ڪٿي خرچ پيا ڪن هنن چيو ته انتظاميا ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري وڃن ٿا. صفائي نه ٿي ته ميونسپل انتظاميا خلاف تحريڪ هلائي ويندي ۽ مجبورن ڪورٽ در کڙڪايو ويندو.