ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، جڏهن ته شهر جي بلوچ پاڙي جي جامع مسجد جي گهٽي ۾ پڻ گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن، گند ڪچري سبب نمازين ۽ رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، ان حوالي مسجد جي پيش امام مولوي اميد علي نهڙي ٻڌايو ته شهر ۾ هر طرف گندگي جا يڍير لڳل آهن، شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي. مسجد جي اڳيان گند ڪچري جا ڍير لڳل آهن ڪافي مرتبا شڪايتون ڏيڻ باوجود ٽائون عملو ڪچرو کڻڻ لاء تيار نه آهي هن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته بلوچ محله جي جامع مسجد جي گلي جي صفائي ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي .