واهي پانڌي (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ ولي محمد ڳنڊو ۾ بنيادي سھولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. رب ربنواز مستوئي، رب رکيل مستوئي، اڪبر مستوئي ۽ ٻن چيو ته چونڊيل نمائيدن گذريل ڪيترن سالن کان ڳوٺ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي. ڪنھن به قسم جي سھولت نه ڏني وئي آھي. ڳوٺاڻن لاءِ پاڻي بجلي روڊ رستا تعليم ۽ صحت جون سھولتون خواب بڻيل آھن. پيئڻ جي پاڻي سھولت به نه ملي اهي، ڳوٺاڻا واهن، کڏن جو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن صحت جي حوالي سان به ڪنھن قسم جون سھولتون ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن لاءِ موجود آهن. هنن وڏي وزير ۽ چونڊيل نمائيدن کان ڳوٺ ولي محمد ڳنڊو ۾ بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي