ڦل (ن پ ا) ڦل شھر جي پرائمري اسڪول ڊاڪٽر غلام اڪبر ڦل ۾ برسات سبب اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنھن سبب اسڪول ۾ ويٺل شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رھيا ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ٻئي طرف اتان جي رھواسين رضا محمد سمون ھارون سمون ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ ڪري برسات سبب اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا آھن ٻار شڪر آھي بچي ويا آھن پر اسڪول جي مرمت نه ٿي ته ڪيڏي محل به وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.