ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ڀرسان ڳوٺ عمر ڀيو ۾ بوائز پرائمري اسڪول بغير فرنيچر جي هلڻ لڳو، ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ڳوٺاڻن غلام حسين سنجراڻي، امداد علي، طارق حسين جويو، فقيرﷲ بخش ڀيو، محرم علي جو چوڻ هو ته بوائز پرائمري اسڪول ۾ ساڍا پنج سئو کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، فرنيچر جي شديد کوٽ سبب پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته تعليم جي عملدارن کي شڪايت ڪئي پر فرنيچر فراهم ناهي ڪيو ويو، ٻارڙن کي صاف سٿرا ڪپڙا پارائي اسڪول موڪليون ٿا، اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ ڪري انهن کي هيٺ پٽ تي ويهاريو پيو وڃي، جنهن سبب سندن ڪپڙا گندا ٿي وڃن ٿا،اسڪول کي فرنيچر ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي.