خيرپورناٿن شاهه ( ن پ ا ) خيرپورناٿن شاهه ڳوٺ خداد چانڊيو جا رهواسي مير خان چانڊيو سندس زال مسمات حوا خاتون پٽ علي رضا ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳوٺ جا بااثر پيچ ڪڍي غيرقانوني پاڻي وهائي رهيا آهن منع  ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. بااثر پيرل، اڪبر عبدالله چانڊيو وارا هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي مينهن، ڳئون، 8 ڇيلا  وهڙو ۽ اڍائي کرار ساريون کڻي گهر ۾ ڀڃ ڊاه ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. انصاف ڪري بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.