مورو(ن پ ا) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي مورو ٿاڻي جي 7 پوليس اهلڪارن سميت ضلعي نوشهرو فيروز جي مختلف ٿاڻن ڪورائي، سڌوجا ۽ ٻين ٿاڻن تي مقرر 20 پوليس اھلڪارن کي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ بدلي ڪيو ويو آهي، اهڙو ن نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ مورو ٿاڻي جا پوليس اھلڪار ڪوڙل سولنگي، صدام حسين ڪورائي، مشھود علي لغاري، عرفان علي سيال، جانب زرداريءَ، آصف علي ڍلو، آصف علي بھڻ، پوليس اسٽيشن ڪورائي جا پوليس اھلڪار محبت حسين مري، عاشر علي سيال، عبدالوھاب ٻرڙو، مقيم الرحمان سيال، پوليس اسٽيشن محبت ديرو جا پوليس اھلڪار رفيق زمان سولنگي، فرحان علي، زبير علي مچلو، وليد علي، محمد سليم ڀٽي، ظھير لاشاري، وسيم سرور، عمران علي لاشاري، نثار علي سولنگي شامل آھن.