سيراڻي(ن پ ا) سيراڻي ۾ موٽر سائيڪل چوري ڪندي چور پڪڙجي پيو. ان ڏس ۾ هوٽل تان جوابدار تعمير حسين ولد گل محمد منڌرو موٽرسائيڪل  چوري ڪاهي فرار ٿي ويو، جنهن تي موٽرسائيڪل مالڪ بشير خاصخيلي کيس ڏسي ورتو ۽ سيراڻي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس بروقت ڪاروائي ڪري سيراڻي بدين روڊ تان جوابدار کي موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ جوابدار خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.