خيرپورناٿن شاهه ( رپورٽ: ارشاد کوسو)  خيرپورناٿن شاه ۾ ٻوڏ متاثرن جو ڊي سي دادو ۽ مختيار ڪار خيرپورناٿن شاه خلاف ٽي سئو کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن جو شبير مشوري ، احمد گاڏهي ، ذولفقار گاڏهي ، فقير علي حسن جانوري ، محمد گاڏهي جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي مختيار ڪار خلاف سخت عملدار چونڪ سامهون ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته ڊي سي دادو خيرپورناٿن شاه شهر جي ڪافي وارڊن ۽ سوين ڳوٺن مان ٻن مهينن کان وٺي بيٺل ٻوڏ جو پاڻي ڪڍرائي ناهي سگهيو ڳوٺاڻن ٻن مهينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود ٻيڙين تي سفر ڪرڻ تي مجبور آهيون روڊ رستا پاڻي هيٺ آهن انتظاميا فوٽو سيشن ۾ پوري آهي هنن چيو نومبر مهينو هلي رهيو آهي اڃا به پاڻي نيڪا ناهي ٿي سگهيو ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ علائقي ۾ وڏو ڏڪار اچي ويندو پهرئين ساريالو فصل ٻوڏ ۾ لڙهي ويو هاڻي ڪڻڪ جي پوکائي انتظاميا جي نااهلي جي ڪري نه ٿي ماڻهون بکن ۾ مري ويندا هنن چيو ته مختيار ڪار ڪار کي سنڌ حڪومت طرفان ڪمبل ۽ راشن ٻوڏ متاثرن لاء مليو ان راشن ڪمبل پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو آهي مختيار ڪار راشي آهي اهڙي راشي مختيارڪار کي فوري طور تي هٽايو وڃي هنن چيو ٻن ڏينهن ۾ ٽي ٽرڪون ڪمبل سان ڀريل مختيار ڪار آفيس ۾ لٿيون اهي ڪاڏي ويون جنهن ۾ هزارين ڪمبل هڪ ٽرڪ ۾ هيا مختيارڪار کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي اسين مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اسان ٻوڏ متاثرن جي احتجاج جو ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي هنن چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ ، وزير اعلي سنڌ ، چيف سيڪريٽري سنڌ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺي خيرپورناٿن شاه ۾ بيٺل ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي مختيارڪار سعيد احمد کونهارو کي هٽائي ايماندار مختيارڪار خيرپورناٿن شاه ۾ مقرر ڪري بنا فرق جي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ڪمبل تقسين ڪيا وڃن.