فريدآباد (ن پ ا) فريد آباد ڀرسان ڇنڊڻ اسٽاپ تي نيوي جي جوانن ۽ ٻيڙي مالڪن وچ ۾ مبيناطور پتڻ گهرڻ واري مسئلي تان منھن ماري بعد لٺ بازي ٿي، ان دوران ريڪارڊنگ ڪرڻ تان صحافي ظفر سولنگي کي نيوي جا اھلڪار مقامي وڏيري جي گاڏي ۾ کڻي ويا، واقعي بعد نيوي جا اھلڪار ۽ پوليس وڏي تعداد ۾ پھچي وئي، ٻيڙي مالڪن مزن چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ڇنڊڻ موري تي احتجاجن پنهنجون ٻيڙيون بند ڪري ڇڏيون. ٻيڙي مالڪن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بااثر وڏيرو نيوي جي جوانن کي ساڻ کڻي روزانو سامان کڻائي ٿو پر اسان کي وڏيرو ۽ نه ئي نيوي جا جوان پتڻ ڏين ٿا. ھنن چيو ته پتڻ گهرڻ تان اسان مٿان بي گناهه لٺ بازي ڪئي ويئي آهي، اسان کي تيل به ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو، ٻي طرف ٻيڙيون بند ٿيڻ سبب عوام سخت پريشان حال بڻيل آهي. ٻي طرف لٺ بازي دوران واٽھڙو محراب سوڍر کي مٿي ۾ ڏنڊو لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. ڪافي دير کان پوءِ مبينا طور کنڀي کنيل صحافي ظفر سولنگي آزاد ٿي واپس اچي ويو، صحافي جي چھري تي تشدد جا نشان به هئا. صحافي خوف ۽ حراس سبب ڪجهه ڳالھي ۽ ٻڌائي نه سگهيو.