گمبٽ (ن پ ا) ٿرڊ سول جج گمبٽ سعيد احمد شيخ گمبٽ ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل مختيار احمد ڊرگهه کي بازياب ڪرائي ورتو، ايس ايچ او گمبٽ کي رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ناحق باندي بڻايل مختيار احمد ڊرگهه ٻڌايو ته گمبٽ  پوليس چوري جي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو. ڀاءُ جي درخواست تي ٿرڊ سول جج سعيد احمد شيخ گمبٽ ٿاڻي تي ڇاپو هڻي آزاد ڪرايو آهي. هوڏانهن ايس ايچ او گمبٽ کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.