لاڙڪاڻو/رتوديرو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ دڪاندارن علي انور شيخ، اياز شيخ، ارجن داس، محبوب چانڊيو، محبوب شيخ، الطاف شيخ، پرديپ ڪمار پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته سال 1977ع ۾ ان وقت جي ايس پي پنڃل آڪشن ڪري مارڪيٽ ٿاڻي ڀرسان پوليس شاپنگ سينٽر، حيدري ٿاڻي ڀرسان شاپنگ سينٽر ۽ رتوديرو جي ايس پي بازار ۾ پوليس ويلفيئر شاپنگ سينٽر تحت پڳڙي تي دڪان ٺهرائي ڏنا،  پوليس کاتي طرفان في دڪاندار کان 10 هزار روپيا ڪرايو ورتو ويندو آهي. 2019ع دوران سپريم ڪورٽ حيدرآباد جي رهواسڻ هڪ عورت جي پٽيشن تي سنڌ اندر پوليس ويلفيئر شاپنگ تان قبضا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏنو .سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊائريڪٽر نسيم ابڙو دڪان خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.رتيديري ۾ دڪان خالي نه ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ليٽر اماڻي گهر ڪئي آھي ته سيپڪو عملدار ، سئي گئس عملدار ۽ رينجرس اھلڪار ساڻ ڪري ھيوي مشينري سان دوڪان ڊاھڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي. شاھنواز شاپنگ سينٽر 1972 ۾ ان وقت جي ملڪ جي صدر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو دڪان تعمير ڪرائي انهن مان ملندڙ آمدني پوليس ويلفيئر فنڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي ھئي.