نندو(ن پ ا) نندي ڀرسان پوليس چڙهائي ڪري عورت تي مبينا تشدد بعد 4 ڄڻا گرفتار ڪري وئي. ان ڏس ۾ نندو پوليس مختلف ٿاڻن جي پوليس عملدارن ساڻ نندو لڳ ڳوٺ سونو خان سيال ۾ ملاح برادري جي گهرن ۾ ڪاه ڪري عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري ملاح برادري سان تعلق رکندڙ 4 نوجوانن هر هڪ نور محمد ملاح ، لکاڏنو ملاح ، اياز ملاح ۽ عارب ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو انهي سلسلي ۾ نندو ايس ايڇ او اياز علي جنڊاڻ واقعي بابت صحافين کي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ايف آئي آر داخل ڪرڻ بعد تفصيل ڏيندا سين جڏهن ته آخري اطلاع تائين گرفتار نوجوانن تي ڪابه ايف آءآر داخل نه ڪئي ويئي آھي هوڏانهن انهي سلسلي ۾ گرفتار نوجوانن جي وارثن حسن ملاح ،عمر ملاح ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته نندو پوليس جو ننڍو منشي امتياز ميمڻ ۽ ٻيو عملو رات دير سان سول ڪپڙن ۾ اسان جي گهر ۾ داخل ٿيا جنهن کي اسان چور سمجهي سوگهو ڪيون سين بعد ۾ نندو پوليس جي تصديق تي کين ڇڏيو سين جنهن بعد اڄ ٻيهر نندو پوليس مختلف ٿاڻن جي پوليس ساڻ گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جا 4 نوجوان بيگناھ گرفتار ڪيا آھن