اڏيرولال(ن پ ا) اڏيرولال لڳ ڳوٺ رحيم کورکاڻي وٽان شاخ کي ٻن هنڌن تان 20 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اطلاع جي باوجود ايريگيشن عملدار نه پهتا، گهارو بند نه ٿي سگهيو. ڳوٺاڻن جو ايريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ نعريبازي ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ايريگيشن عملدارن رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته رات جي وقت بااثر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي شاخ کي کوليو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري شاخ کي گهارا پوڻ معمول بنجي ويا آهن.، هنن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي برسات سبب تباهه ٿي چڪا آهيون ويتر ايريگيشن عملدارن جي لاپرواهي سبب بچيل فصل ۽ گهر پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. هنن چيو اسان بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن ايريگيشن جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ڊي او ۽ سرويئر کي هٽائي اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.