خيرپور (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميا ضلعي ۾ تفريحي پارڪن، چوڪن چوراهن، روڊ رستن ۽ ٻين هنڌن تان سياسي ماڻهن جي نالن واريون تختيون هٽائڻ جي سلسلي ۾ پوليس جي مدد حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عدالتي حڪم تي 100 سيڪڙو عمل ڪرايو وڃي. حڪم عدولي ڪندڙن خلاف رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي. ڊي سي خيرپور چيو ته تختيون هٽائڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور کي لکت ڪري پوليس جي مدد حاصل ڪئي ويندي. ڊي سي خيرپور وڌيڪ هدايت ڪندي چيو ته سموري ڪارروائي جي رپورٽ ۽ فوٽو پڻ فراهم ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪبير شاهه، ظفر عباس عباسي، اٺن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، ايڊمنسٽريٽر ظفر ڦلپوٽو، مختيارڪارن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.