ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي چڙيا گهر  جي انتظاميا جي نااهلي سبب  ناياب گولڊن ٽائيگر ( سونهري چيتو) مري ويو، هاٿي پڻ گذريل ٻن هفتن کان بيمار، ان ڏس ۾ ڪراچي چڙيا گھر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (سيڪيورٽي)  ٻڌايو ته گولڊن ٽائيگر ڪيترن ئي ڏينهن کان بيمار هو، زو ۾ مقرر ڊاڪٽرن جي ٽيم  سندس علاج ڪري رهي هئي، زو جي ڊائريڪٽر خالد ھاشمي گولڊن ٽائيگر جي موت جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي  گولڊن ٽائيگر 10 سال اڳ چڙيا گھر ۾ آيو هو ، واضح رھي ته 2 مھينا اڳ چڙيا گھر ۾ اڇي رنگ وارو ٽائيگر به مري ويو ھو، واضح رهي ته جرمن ڊاڪٽر فرينڪ گورٽز 2021 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڪراچي چڙيا گھر جي ٻنھي ھاٿين جون زندگيون خطري ۾ ھجڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ھو ته ٻنھي ھاٿين جي سٺي صحت لاء خوراڪ جي سخت ضرورت آهي.