سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار ) سيوهڻ ۾ حضرت لعل شھباز قلندر رح جو 771 ھين عرس ۾ باقي ھڪ ھفتو، ميلي لاءِ  انتظاميا پاران ڪي جوڳا انتظام نه ٿي سگھيا، شھر جا داخلي رستن جو تعميراتي ڪم به مڪمل نه ٿي سگھيو، پيئڻ جو صاف پاڻي جو بندوبست نه ھجڻ سبب شھري ۽ زائرين ۾ ڊائريا وڌڻ جو خدشو، ان ڏس ۾ صوفي بزرگ حضرت لعل شھباز قلندر رح عليه جو 771 ھين عرس ۾ باقي ھڪ ھفتو بچيو آھي، 11,12,13مارچ ۽ 18,19۽20 شعبان کان ميلو شروع ٿي رھيو آهي پر ضلعي انتظاميا پاران ڪي جوڳا بندوبست نه ڪيا ويا آھن، جڏھن ته  زائرين جي وڏي انگ سيوھڻ اچڻ جي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن، ان ڏس ۾ شھرين دڪاندارن ۽ واپارين سامان جي خريد و فروخت ۾ تيزي آڻي ڇڏي آھي،   دڪانن کي سينگارڻ وارو عمل به  شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان شهرين محبوب چانڊيو، اصغر ڪوريجو، ڪامريڊ اڪبر ملاح، احسان رند ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته عرس کان اڳ پيئڻ جي صاف پاڻي جا انتظام ڪيا وڃن ۽ داخلي روڊن جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي.