خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت 2 عورتن سميت 4 ڄڻن جي بازيابي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  خيرپور  ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت روهڙي جي رهواسي انور شيخ طرفان داخل ڪرايل درخواست  ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي عبدالرحمان انڙ ۽ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايچ اوز کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ٻٻرلوءِ جي رهواسي ڪلهوڙا برادري جي محمد فياض، اياز، شاهنواز ۽ علي محمد ڪلهوڙو وٽ مبينا باندي بڻايل مسمات ساديه شيخ کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج  ثمينه منگي جي عدالت پڻ ناري تعلقي جي ڳوٺ لئه واري جي رهواسي شير محمد آرادين جي درخواست تي سوراهه ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ڳوٺ ڪمڙاهو جي رهواسي آرادين برادري جي مير، حسين بخش، ملوڪ ۽ علي خان آرادين وٽ مبينا باندي بڻايل مسمات شبينا زال علي خان، 5 سالا عمران ۽ 3 سالا روينا کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.