چونڊڪو (ن پ ا) نارا تعلقي ۾ پرائمري استادن جي خالي جڳهن جي انگ اکرن ۾ ٻيهر هيرا ڦيري جو انڪشاف  ٿيو آهي،  مليل انگ اکرن موجب نارا تعلقي ۾ پرائمري استادن جي خالي جاين جو تعداد 141 هجڻ باوجود 124 ظاهر ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آھي، اميدوارن جي درخواست بعد نارا تعلقي جون پرائمري استادن جون لڪايل جڳهون سيڪريٽري تعليم جي حڪم باوجود تعليم کاتي جي عملدارن ٻيهر لڪائي ڇڏيون آھن، خالي جڳهن جي مليل انگ اکرن موجب نارا تعلقي ۾ پرائمري ميل ۾ 62،پرائمري فيميل ۾ 37،سيڪنڊري سائيڊ پرائمري ميل 31 ۽ سيڪنڊري سائيڊ پرائمري فيميل 11 مجموعي طور 141 خالي جڳهون موجود آھن، جن جي 4  تعلقه ايجوڪيشنز آفيسرز نارو پاران  لکت ۾ ظاهر ڪيل آھن، جيڪي ليٽر به  منظر عام تي اچي ويا آھن، جن ۾ پرائمري خالي جڳهن جي تصديق نارا تعلقي ۾ مقرر پرائمري ۽ سيڪنڊري تعلقه ايجوڪيشنز آفيسرز تصديق ڪئي آھي، ان حوالي سان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن قلندر بخش شر،اعجاز علي ڀرڳڙي،پيراڻو ڀنڀرو ۽ ٻين  سيڪريٽري تعليم کان  معاملي جي انڪوائري جي گهر ڪري ڇڏي آھي، هنن چيو  ته انڪوائري  ڪرائي وڃي، انڪوائري نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان عدالت ۾  وينداسين، هنن چيو ته ڊي،او آفيس خيرپور وارا پنهنجي غلطي لڪائڻ خاطر اسان جون 17 جڳهون لڪايون آھن، خاموش نه ويهنداسين.