پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب 7 مهينن جي ڳورهاري عورت فوت، وارثن جو اسپتال  عملي تي غفلت جو الزام، احتجاج، رپورٽ موجب ڳوٺ حسن ملڪ واسي عورت مختياران زال اويس ملڪ کي گهر ۾ ڪم ڪرڻ دوران نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي پڊعيدن اسپتال آندو ويو، جتان کيس فرسٽ ايڊ ڏئي نوابشاهه اسپتال نيو پئي ويو ته عورت رستي ۾ فوت ٿي وئي، ان ڏس ۾ وارثن اويس ملڪ، نظير ملڪ، خادم ملڪ، محمد يوسف ۽ ٻين اسپتال عملي تي غفلت جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو، هنن چيو ته اسپتال عملي جي نااهلي سبب عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي، جنهن جي پيٽ ۾ 7 مهينن جو ٻار پڻ هو، هنن چيو ته ڊاڪٽرن اسان کي اهو چيو ته عورت کي نانگ ناهي ڪکيو، اوهان واپس وڃو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي اسپتال جي ايم ايس چيو ته وارث عورت کي کڻي آيا، جنهن کي فرسٽ ايڊ ڏئي نوابشاھ ريفر ڪيو، جنهن دوران عورت رستي ۾ فوت ٿي وئي، اسان پاران ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي وئي،