خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جي دڪان جي ڇت ڌماڪي سان ڪِري پئي، لکين رپين جو نقصان. مدد جي اپيل. خبر موجب خيرپور ۾ چوماسي جي مسلسل برساتن  سبب ڇتيون ڪمزور ٿي وڃڻ بعد شاهي بازار ۾ محمد عثمان شيخ جي ڪپڙي جي دڪان جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، نتيجي ۾ دڪان ۾ رکيل لکين رپين جو ڪپڙو خراب ٿي ويو. هوڏانهن متاثر دڪاندار محمد عثمان شيخ جو چوڻ آهي ته دڪان جي ڇت ڪِرڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. دڪان ئي منهنجي گهر جي گذر سفر جو واحد ذريعو هو. هن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته سندس مالي مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.