ڳاڙھو(ن پ ا) ٻيلي کاتي ڪيٽي بندر انتظاميا خلاف سوين مالوندن نبي بخش لاشاري، يعقوب لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳاڙھو باءِ پاس تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته جيڪي ٻيلي کاتي جون ذريعي زمينون آھن، اتي بااثرن جو قبضو آھي، اسان درياء جي ڪنارن تي مال چارڻ اچون ٿا ته اسان کي انتظاميا پاران روڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته بااثرن لاء الڳ ۽ اسان لاء الڳ قانون آھي. اسان کي مال چارڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ٻي طرف پيپلزپارٽي اڳواڻ ضلعي ڪائونسلر سڪندر علي لاشاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.  ٻي پاسي ريجنل فاريسٽ آفيسر محمد خان جمالي ٻڌايو ته سامونڊي ٻيٽن تي تمرڪاري ڪئي وئي آهي، حڪومت پاران تمرن جي سنڀال ۽ تحفظ لاء سختيء سان هدايتون ڪيون آهن. اسان مالوند  کي صرف تمرن ۾ وڃڻ کان روڪيو آهي. باقي جتي چاهين مال چاري سگهن ٿا کين ڪير به نٿو روڪي سگهي.