خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ نمبر 2 جي جج وسيم بشير کوسو جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوستا گاهي پاڙي ۾ استاد شبير احمد نوناري کي 4 لک 80 هزار رپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ  جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار مختيار احمد شيخ کي 2 سال قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کيس پوليس پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻي ڇڏيو.