خيرپور (رپورٽر) سنڌ ڪاليج گيمز جا انٽر ڊسٽرڪٽ ڪاليجز جا شاندار مقابلا آخري مرحلي ۾ داخل  گورنمينٽ  ڪاليج فار وومين خيرپور  پاران بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور  ۾ انٽر ڪاليجيٽ  گرلز ھاڪي  جا مقابلا منعقد ٿي گذريا جنھن جو فائنل گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر ۽ گورنمينٽ ڪاليج فار وومين خيرپور جي وچ ۾ ٿيو, جيڪو سخت مقابلي کانپو گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر1-0 تان کٽي ورتو.  ھن فائنل جو خاص مھمان سنڌ جي وڏي وزير جو مذهبي معاملن ۾ خاص صلاحڪار سيد محمد بچل شاهه جيلاني هو. خطاب ڪندي پير سيد محمد بچل شاهه جيلاني چيو ته سنڌ حڪومت  ڪاليجز ۾ ھي پنجون سنڌ ڪاليج گيمز ڪرائي ڪاليجن ۾  پڙھائي سان گڏ راندين کي بـ ھٿي وٺرائي رھي آھي. آخر ۾ مھمان خاص ڪامياب رانديگرياڻين ۾ ڪيش ۽ ٻيا انعام ورھايا.