کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو ڀرسان يونين ڪائونسل نمبر 33 جي  ديهه 17 جمڙائو جي ڳوٺ غوث بخش بروھي واسي صدارتي ايوارڊ يافتا سنڌ جو مشھور الغوزي ۽ بانسري نواز پنهنجي فن ذريعي پاڪستان سميت مختلف ملڪن آمريڪا، دبئي،  چائنا، سنگاپور، ڪويت، بحرين، ترڪي سميت ٻين ملڪن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري سنڌ ڌرتي جونالو روشن ڪندڙ غوث بخش خان بروھي گذريل ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ تنگدستي ۽ مفلسي واري صورتحال سبب سخت  پريشاني سبب  ھاءِ بلڊ پريشر،  شگر ۽ ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو ھو جنھن جي گذريل ڏينھن طبيعت انتهائي خراب ٿيڻ  سبب وارثن کيس علاج لاءِ سرڪاري اسپتال نواب شاهه جي ميڊيڪل وارڊ 2 ۾ داخل ڪرايو آھي. جتي گذريل 36  ڪلاڪن کان بي ھوش ھجڻ سبب ۽ سندس علاج بهتر نموني نه ٿيڻ  سبب حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سندس فن جي پوئلڳ  پٽ عرفان برڳھي ميڊيا کي فون  ذريعي روئيندي ٻڌايو ته بابا موت سان جنگي وڙھي رھيو آھي اسپتال ۾ علاج بنا سفارش  بھتر نه پيو ٿئي، سنڌ حڪومت سميت ڪو به ادارو مدد لاءِ تيار نه آھن. ھن صدر پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندس والد جو بھتر علاج ڪرايو وڃي.