ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي موجودا ڪپتان بابر اعظم سان اختلافن واريون خبرن تي سخت ردعمل ڏنو آهي. بابر اعظم جي پاڪستان سُپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز کان پشاور زلمي ۾ وڃڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڪيئي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته شايد بابر جا ڪراچي ڪنگز جي چيئرمين ۽ بالنگ ڪوچ وسيم اڪرم سان لاڳاپا خراب آهن. پر هاڻي تازو ئي هڪ انٽرويوءَ دوران وسيم اڪرم انهن سمورين خبرن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. وسيم اڪرم چيو ته بابر منهنجي پٽ جهڙو آهي، مان هُن تي ڪڏهن به ڪاوڙ ناهي ڪئي، گهر ويٺل ڪجهه صحافي آهن جيڪي نيون نيون ڪهاڻيون گهڙي رهيا آهن. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جو ڪم رڳو ٽوئيٽر تي آهي جيڪو بنا کائڻ پيئڻ جي چويهه ڪلاڪ رڳو ٽوئيٽر تبصرا ڪندا رهندا آهن.