خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس شهريءَ کي 35 لک رپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. خبر  موجب اي سيڪشن پوليس هڪ شهري خوش محمد صديقي کي 35 لک رپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار محمد دائود مريءَ کي شهر مان گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.