رتوديرو (ن پ ا ) ڳوٺ نيڪ محمد بروھي ۾ چورن هٿان قتل ٿيل گهر ڌڻي  خميسو بروھي کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. قلندر بخش بروھي رابطو ڪرڻ ٻڌايو ته پٽ کي چورن گوليون ھڻي قتل ڪيو. ايس ايچ او اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي، پٽ جو قاتل سرڪاري پيري بولو بروھي جي ڌر بڻجي بيھي رھي، پوليس موجب ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ھن وقت تائين ڪير به ناهي آيو.