ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي ۽ جعفري برادري ۾ چوپائي مال تان جهيڙي  ۾ قتل ٿيل حبيب جعفري ۽ منصور جعفري جو ڪيس ناپرڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. قتل ٿيل حبيب جعفري جي ڀائيٽي غلام نبي جي فرياد تي جتوئي برادري جي 10 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس ۾ سنهڙو جتوئي، مراد، ڪامل، مريد، علي گوهر، پٺاڻ، محمد مراد جتوئي سميت 3 اڻسڃاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو .فريادي موقف اختيار ڪيو جوابدارن حملو ڪري ڏھ ڍور ڦر ڪيا، مزاحمت تي چاچي ۽ سئوٽ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.جڏهن ته جتوئي ڌر جو فريادي نه اچڻ سبب مقتول ڪرم علي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٽن ڄڻن جي قتل واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويٺل آهن علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي.حبيب جعفري ۽ سندس پٽ منصور جي تدفين شڪاري جعفري ۾ ڪئي وئي.ڪرم علي جتوئي جي ڪچي جي ڳوٺ سنهڙو جتوئي جي اباڻي قبرستان شاهه ابراهيم ۾ هٿيارن جي ڇانو ۾ ڪئي وئي.ياد رهي ته جتوئي ۽ جعفري برادري ۾ ٻه ڏينهن اڳ چوپائي مال ڪاهڻ تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ جعفري ڌر جا ٻه ڄڻا ۽ جتوئي ڌر جو هڪ ڄڻو مارجي ويو هو جڏهن ته ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.