خيرپور ( ن پ ا ) خيرپور ۾  ڳوٺ حسين بخش اڄڻ جي رهواسين عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب خيرپور پهچي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين زمان علي، ضمير، مولابخش، لطيف اڄڻ ۽ ٻين الزام مڙهيو ته بااثر يونين ڪائونسل هادل شاهه پ پ صدر علي گل اڄڻ، منظور اڄڻ، حب علي ۽ ٻيا اسان جي نياڻين کي اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ پڙهڻ نه ٿا ڏين، مظاهرين جو چوڻ هو، بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪو نياڻي اسڪول ۾ داخل نه ڪرائيندو کيس قتل ڪنداسين، معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.