لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ڪائنات امتياز چيو آهي ته ٽيم جي نه کٽڻ تي منهنجو مڙس کي به ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن، اهو جيڪڏهن خراب پرفارمنس تي تنقيد ڪندو آهي ته ان کان وڌيڪ اهو مونکي متحرڪ به ڪندو آهي. آل رائونڊر ڪائنات امتياز چيو ته جيڪڏهن سوال شادي شده عورت ڪرڪيٽر کان پڇا ڪيو ويندو آهي ته هنن کي ڪو مسئلو ته نه آهي ته اهو سوال ڇوڪرن کان به پڇا ڪيو وڃي ڇو ته شادي کانپوءِ وڌيڪ ڪرڪيٽر ڇوڪرا کيڏندا آهن. هن چيو ته شادي شده هئڻ سبب مونکي ڪابه ڏکيائي نه آهي مان سمجهان ٿي ته راند ۾ شادي شده هئڻ جو مسئلو صرف ڇوڪرين سان ئي نه پر ڇوڪرن کي به ٿي سگهي ٿو، فيملي جي سپورٽ تمام ضروري آهي، چاهي اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري.