لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان انضمام الحق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊرز طرفان غلطيون دهرائڻ تي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. انگلينڊ کان پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان جي شڪست تي تبصرو ڪندي انضمام الحق چيو ته ڪارڪردگي اميدن موجب نه هئي، بيٽسمينن پراڻيون غلطيون دهرايون، ٽاپ آرڊر بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، بابراعظم به مختصر اننگز دوران فارم ۾ نظر آيو، محمد رضوان تسلسل سان رنز ٺاهي رهيو آهي. هن چيو ته مڊل آرڊر ۾ مسئلا پنهنجي جاءِ تي برقرار آهن، ايشيا ڪپ ۾ به اهو ئي ٿيندو رهيو هو، چوٿين، پنجين، ڇهين، ستين نمبر تي ايندڙ بيٽرز کي 150 اسٽرائيڪ ريٽ سان رنز ڪرڻ گهرجن تڏهن ئي ٽيم سٺو ٽوٽل ڪري سگهندي. هن چيو ته حارث رئوف ۽ محمد نواز پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري آندي آهي ٻين کي به هنن مان سبق سکڻ گهرجي.