ناگپور(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ اڄ ناگپور ۾ کيڏي ويندي. ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 6:30 وڳي شروع ٿيندي. ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آسٽريليا کي 0-1 جي برتري حاصل آهي. آسٽريليا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي پنهنجي ئي گهر ۾ 209 رنز جو جبل جيڏو هدف حاصل ڪري ڀارت کي بدترين شڪست ڏني هئي. ڀارت کي آسٽريليا خلاف هوم سيريز کٽڻ جي لاءِ سيريز جون رهيل ٻئي ميچون کٽڻ جي ضرورت آهي.